آءِ بي اي ٽيسٽ پاس ڪندڙ 110 استادن کي آرڊر ملي ويا

مٺي )لياقت نھڙيو) ڊپٽي ڪمشنر ٿرپارڪر ڊاڪٽر شهزاد طاهر تهيم ۽ پاڪستان پيپلز پارٽي جي ايم پي اي  فقير شير محمد بلالاڻي پاران IBA ٽيسٽ پاس ڪندڙ جونيئر ايليمنٽري اسڪول ٽيچرز ۾ آفر آرڊر تقسيم ڪيا ويا. ان موقعي تي ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري دولت رام پڻ موجود هو. ڊپٽي ڪمشنر  ڪامياب اسڪول ٽيچرز کي خطاب ڪندي چيو ته اڄ کان اسان جي مستقبل جي معمارن جي ڪاميابي جون ڏورون اوهان جي هٿن ۾ آهن، استاد هڪ معزز شعبو آهي اهي اسان جي معاشري جا ٿنڀ آهن جنهن تي اسان جو سماج تعمير ٿيڻو آهي، ان ڪري توهان سڀنن کي گڏجي ضلع ٿرپارڪر ۾ معياري تعليم لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻو پوندو. ڇاڪاڻ ته معياري تعليم سان ئي اسان سماج ۾ اعلي مقام ٺاهي سگهون ٿا . انهي موقعي تي فقير شير محمد بلالاڻي خطاب ڪندي چيو ته ڪامياب استادن کي گهرجي ته هوپنهنجي ضلعي ۾ سخت محنت ۽ لگن سان ٻارن کي پڙهائن ته جيئن اسان تعليم جي ميدان ۾ باقي دنيا سان مقابلو ڪري سگهون. ڊسٽرڪٽ ايجوڪيشن آفيسر دولت رام  ٻڌايو ته اڄ 110 ڪامياب اميدوارن ۾ آفر آرڊر ورهائي رهيا آهيون جنهن مان 14 ليڊي ٽيچر ۽ 96 مرد ٽيچر آهن جڏهن ته 16 آرڊر مختلف سببن ڪري روڪيا ويا آهن جن کي ڪجهه ڏينهن ۾ ضروري ڪاغذن جي ڇنڊ ڇاڻ ڪري اميدوارن کي ڏنا ويندا. انهي موقعي تي ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر 2 سيد ڪبير شاه، تعلقه ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري محمد حنيف بجير ، تعليم کاتي جا آفيسر به موجود هئا.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو