ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ آءِ بي اي ٽيسٽ ۾ 33 کان 39 مارڪون کڻندڙ اميدوارن کي آفر آرڊر نه ملڻ واري ڪيس ۾ وڏو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي چيف جسٽس احمد علي شيخ جي سربراهي ۾ ٻه رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران تعليم وارو سيڪريٽري غلام اڪبر لغاري، ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ ۽ ٻيا لاڳاپيل آفيسر پيش ٿيا چيف جسٽس سيڪريٽري تعليم کان سوال ڪيو ته هي هارڊ ايريا ۽ سافٽ ايريا ڇا ھوندو آھي؟ جنهن تي سيڪريٽري تعليم ٻڌايو ته اسان ٿاڻي بولا خان، ڪاڇو سميت ٻين علائقن ۾ آرڊرز ڏنا آھن چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ٿاڻو بولا خان ڄامشورو ضلعي ۾ آهي، جتي ٽي وڏيون يونيورسٽيون آهن، توهان ٿاڻي بولا خان کي هارڊ ايريا ڪيئن قرار ڏئي ڇڏيو؟ چيف جسٽس سيڪريٽري تعليم سان مخاطب ٿيندي چيو ته هي سمورو ڊرامو توهان جي سياسي مفادن لاءِ آهي، ھاڻي ڪنهن کي به آرڊر جاري نه ٿيڻ گهرجن عدالت سڄي سنڌ ۾ استادن جي وڌيڪ ڀرتين تي ڪارروائي روڪڻ جو حڪم ڏنو آهي، چيف جسٽس چيو آهي ته عدالتي حڪم کانپوءِ ڪنهن به اميدوار کي آفر آرڊر نه ڏنو وڃي
ريڊيو پاڪستان جا رٽائرڊ ملازم ادائيگين کان محروم،ڪراچي ۾ احتجاج
ڪروڙين ماڻهن جي چيٽ ” جي پي ٽي “ ڏانهن لاڙو، انگ اکر
پي ٽي آءِ احتجاج ملتوي ڪري، ڪو هٿ چڙهيو ته پوءِ اسان کي ميار نه ڏجو
پي ٽي آءِ کي لاش گهرجن، ماڻهن کي مارائڻ جي منصوبه بندي ٿي چڪي
ڊاڪٽر شاهنواز جي ڪوڙي پوليس مقابلي ۾ قتل خلاف احتجاج جو اعلان
ترميم لاءِ چيو ويو ته آچر تي ڪيون ، ٻي صورت ۾ سومر تي آسمان ڪرندو
ملائشين وزيراعظم جي پاڪستان آمد، گارڊ آف آنر پيش،شهباز سان ملاقات
بلاول ڀٽو جو جماعت جي اسرائيل خلاف احتجاج ۾ شرڪت جو اعلان
63 اي نظرثاني ڪيس جو فيصلو ڪلعدم،درخواستون منظور
آمريڪا جي ‘گلوبل گيم’ ۽ جنگ جي گهيري ۾ آيل وچ اوڀر
پاڪستان تجويزن تي عمل ڪندو ته هي آخري پروگرام هوندو، آءِ ايم ايف
اسلام ڪوٽ روڊ حادثو ، 2 ڄڻا فوت، 20 کان وڌيڪ زخمي
رتيش بريڪ اپ جو پيغام موڪليو: جينيليا جي دلچسپ ڪهاڻي
ايڪسچينج تاريخ جي نئين حدر پار ،980 پوائنٽس جي واڌ
قلعه سيف الله ۾ ڊپٽي ڪمشنر شيراني جي گاڏي تي فائرنگ
سنڌ سرڪار کي ڊي ايڇ اي کي زمين الاٽ نه ڪرڻ جو حڪم
نتاشه عدالت آڏو پيش نه ٿي،حاضري ڇوٽ منظور
اڊيالا جيل جي ڊپٽي ۽ اسسٽنٽ سپرنٽينڊنٽ سميت 4 اهلڪار برطرف
ايران جي ايٽمي ٺڪاڻن تي اسرائيلي حملن جي حمايت نه ڪنداسين
سڄي سنڌ جي ميڊيڪل يونيورسٽيز جا وي سيز طلب