اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) آءِ ايم ايف سان ڳالهين لاءِ ناڻي وارو وفاقي وزير محمد اورنگزيب وفد سان گڏ آمريڪا روانو ٿي ويو. وفد واشنگٽن ۾ آءِ ايم ايف سان نئين بيل آئوٽ پيڪيج لاءِ ڳالهيون ڪندو.پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ ڳالهيون ايندڙ هفتي ٿينديون پاڪستان نئين قرض پروگرام لاءِ آءِ ايم ايف کي درخواست ڪندو نئين قرض پروگرام لاءِ ڳالهيون ايگزيڪٽو بورڊ جي اجلاس کان پوءِ ٿينديون . ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب جي آءِ ايم ايف جَي ايم ڊِي سان ملاقات جو امڪان آهي.










