آءِ ايم ايف پاران صدر ٽرمپ جي تجارتي تڪرارن تي تنقيد

واشنگٽن(رائٽرز) انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ(آءِ ايم ايف) امريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته تجارتي تڪرار وڌائڻ سبب امريڪا جو اسٽاڪ مارڪيٽ گهٽجي رهيو آهي ۽ ان سبب امريڪي معيشت لاءِ خطرا پيدا ٿي ويا آهن، جن جو اثر سڄي دنيا جي معيشت تي پوندو. چين ۽ ميڪسيڪو سميت مختلف ملڪن سان ٽيرف جي معاملي تي هلندر تڪرارن سبب سرمائيڪارن کي ڳڻتي آهي اهو وڏو رسڪ آهي. امريڪي معيشت جو جائزو وٺندڙ مشن جي سربراهه نائيجل چاڪ امريڪي صدر جي اپائن تي مٿس تنقيد ڪندي چيو آهي ته سندس حڪمن سبب نه صرف امريڪي معيشت پر سڄي دنيا جي تجارت تي فرق پوندو. امريڪي امپورٽ تي ٽيڪس وڌائڻ سبب اسٽاڪ مارڪيٽ جيڪو اپريل م ڪافي تيز هو هاڻي گهٽ ٿي رهيو آهي ۽ اهڙي رسڪ سبب سرمائيڪاري سست ٿي وئي آهي ۽ ان سبب عالمي تجارت لاءِ خطرو پيد ٿي پيوآهي. ياد رهي ته تازو چين تي امريڪا تجارتي پابنديون مڙهيون ۽ چين جي ٽيڪنالوجي ڪمپني هواوي جي شين جي سرڪاري خريداري تي پابندي مڙهي هئي جنهن تي هواوي ڪمپني امريڪي ڪورٽ ۾ ان فيصلي کي چيلينج ڪيو آهي ۽ جوابي ڪاروائي ڪندي چين امريڪا کي گهربل شين تي پابندي هنئي هئي. ليٿيم بيٽري، نڪل ۽ ٻين ڌاتن جي پيداور گهٽائڻ ۽ امريڪا موڪلڻ تي ٽيڪس وڌايا ويا هئا. امريڪا متبادل طور افريقا مان اهي شيون گهرائڻ لاءِ سرگرم آهي. ياد رهي ته امريڪا ترڪي ۽ يورپي يونين کي ڏنل تجارتي سهولتون پڻ گهٽ ڪيون آهن ۽ متاثر ملڪ ان مان خوش ناهن.

پهنجو تبصرو موڪليو