آءِ ايم ايف سان اسٽاف سطح تي معاهدو، سڌارا آڻڻ جو اعلان

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جو بيان عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) سان اسٽاف ليول جي معاهدي کانپوءِ سامهون آيو آهي. پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ اسٽاف سطح تي قرض پروگرام لاءِ معاهدو ٿي ويو آهي، جنهن موجب آءِ ايم ايف پاڪستان کي 37 مهينن دوران 7 ارب ڊالر قرض ڏيندو. عملي جي سطح تي معاهدي جي حتمي منظوري آءِ ايم ايف جو ايگزيڪيوٽو بورڊ ڏيندو.آءِ ايم ايف جي بيان موجب قرض پروگرام ۾ مالياتي ۽ مانيٽري پاليسي کي مضبوط ڪرڻ ۽ ٽيڪس بيس کي وسيع ڪرڻ جا قدم شامل آهن. ان حوالي سان ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب پنهنجي بيان ۾ چيو ته آءِ ايم ايف پروگرام پاڪستان ۾ ميڪرو اڪنامڪ استحڪام آڻڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندو.ناڻي واري وزير جو چوڻ آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام تحت ڍانچي سڌارن کي يقيني بڻائڻو آهي، اسان کي سرڪاري ناڻي، توانائي ۽ سرڪاري ادارن جي شعبن ۾ استحڪام آڻڻو آهي، ايندڙ سالن ۾ ڍانچي سڌارا آڻينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو