آءِ ايم ايف جي قسط ۾ دير، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سخت ٻاڙائي

آءِ ايم ايف جي قسط ۾ دير، اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ سخت ٻاڙائي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) جي قرض پروگرام جي نائين جائزي جي حوالي سان غير يقيني صورتحال ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ذخيرن ۾ گهٽتائي سبب پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج هفتي جي شروعات مندي سان ڪئي. پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ بينچ مارڪ ‘KSE-100 انڊيڪس’ 537.43 پوائنٽس يا 1.28 سيڪڙو جي گهٽتائي کانپوءِ 41,612 تي بند ٿيو. واضح رهي ته پاڪستان جا پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 25 نومبر تي ختم ٿيندڙ هفتي ۾ 7.5 بلين ڊالر جي تاريخي گهٽ ترين سطح تي هئا، جيڪي هڪ مهيني جي درآمدات کي پورو ڪرڻ لاءِ به ڪافي نه آهن. پاڪستان وري 2 ڊسمبر تي شيڊول کان ٽي ڏينهن اڳ بين الاقوامي بانڊز ۾ 1 بلين ڊالر ادا ڪيا ۽ ايشين انفراسٽرڪچر انويسٽمينٽ بئنڪ کان 500 ملين ڊالر پڻ وصول ڪيا. آءِ ايم ايف جو جائزو مڪمل ٿيڻ بعد هڪ ارب 18ڪروڙ ڊالر ملندا. اها رقم ايتري وڏي ناهي پر ٻين ڊونرز پاران ملندڙ رقم ان قسط سان مشروط آهن. 2 ڊسمبر تي اسحاق ڊار جي آءِ ايم ايف بابت ڏنل بيان سان به منفي تاثر پکڙيو.

پهنجو تبصرو موڪليو