آءِ ايم ايف جو وفد 31 جنوري تي پاڪستان پهچندو

آءِ ايم ايف جو وفد 31 جنوري تي پاڪستان پهچندو

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ جو جائزه مشن 31 جنوري تي نائين جائزي لاءِ پاڪستان پهچندو ۽ هڪ هفتي دوان پاڪستان حڪومت پاران ورتل اپائن جو جائزو وٺندو. پاڪستان م آءِ ايم ايف جي ڪنٽري دائريڪٽر مسز ايسٿر پيريز روئز جيو سان ڳالهائيندي تصديق ڪئي ته وفد 31 جنوري تي ايندو * 9 فيبروري تائين پاڪستان م هوندو. ذريعن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن آءِ ايم ايف جو وفد معاهدي مطابق کنيل حڪومتي قدمن مان مطمئن ٿيو ته 1.18 ارب ڊالر جي قسط جاري ٿيندي. پاڪستان 2019 ۾ آءِ ايم ايف کان 6 ارب دالر جو قرض ورتو هو ۽ بعد ۾ هڪ ارب ڊالر وڌيڪ ڏين لاءِ چيو ۽ هي پروگرام مجموعي طور 7 ارب دالر جو بڻجي ويو هو. نائون رويو آڪٽوبر ۾ مڪمل ٿيڻو هو پر طئي ڪيل اصولن مطابق پاڪستان حڪومت ڪجهه شرط پورا نه ڪيا جنهن سب معاملو اينگهندو ويو. جڏهن اسحاق ڊار ناڻي جي وزارت سنڀالي ته هن هڪ بيان م چيو ته اسانکي آءِ ايم ايف جي پرواهه ناهي، هنن جا سڀ شرط نٿا مڃي سگهون، جنهن بعد معاملا بگڙجي ويا. پاڪستان حڪومت ڊالر کي مصنوعي انداز ۾ گهٽ رکڻ وارو فيصلو واپس ورتو ته مارڪيٽ ۾ 255 روپين جو في ڊالر ٿي ويو، حڪومت کي اڃان بجلي ۽ گيس جا اگهه وڌائڻ سان گڏوگڏ نوان ٽيڪس به لاڳو ڪرڻا آهن ۽ 482 اڪائونٽس اسٽيٽ بئنڪ جي ماتحت ڪرڻا اهن، انهن اڪائونٽس م 3 کرب روپين کان مٿي رقم رکيل آهي ۽ سيڪورٽي سان انهن جو تعلق آهي. ياد رهي ته آءِ ايم ايف جي بورڊ جي ميٽنگ 30 جنوري تي رٿيل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو