گمبٽ روڊ حادثو، ٻارڙي فوت، پيءُ، ماءُ ۽ ڏاڏي زخمي

گمبٽ روڊ حادثو، ٻارڙي فوت، پيءُ، ماءُ ۽ ڏاڏي زخمي

گمبٽ: (ويب ڊيسڪ) قومي شاهراهه تي هڪ تيز رفتار ٽرالر موٽرسائيڪل سوارن کي چيڀاٽي ڇڏيو.حادثي ۾ 4 سالن جي ٻارڙي دعا اعوان موقعي تي فوت ٿي وئي، جڏهن ته سندس پيءُ، ماءُ ۽ ڏاڏي سخت زخمي ٿي پيا. حادثي جي اطلاع ملڻ تي اعليٰ پوليس آفيسر ۽ ريسڪيو ٽيمون به موقعي تي پهچي ويون. فوت ٿيل ڇوڪري جي لاش ۽ زخمين کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو.پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ضروري ڪارروائي کانپوءِ ڇوڪري جي لاش وارثن جي حوالي ڪئي وئي. حادثو پپري پل جي ويجهو پيش آيو، ٽرالر کي تحويل ۾ وٺي ڊرائيور خلاف ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو