ملير ايڪسپريس وي، ڄام صادق پل ڊاهي نئين ٺاهڻي پوندي

ملير ايڪسپريس وي، ڄام صادق پل ڊاهي نئين ٺاهڻي پوندي

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي مڪاني ادارن واري وزير سعيد غني چيو آهي ته ملير ايڪسپريس وي تي موٽرسائيڪل ۽ رڪشا هلائڻ تي پابندي هوندي.ڪراچي ۾ ڪورنگي ڪاز وي جي دوري تي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ڪورنگي ڪاز وي جي تعمير جو ڪم جاري آهي، جڏهن ته ملير ايڪسپريس وي جي پهرين مرحلي جو افتتاح 11 جنوري تي ڪيو ويندو.سعيد غني چيو ته ملير ايڪسپريس وي تي ٽريفڪ جي ڀڃڪڙي ٿئي ته ٽول سان گڏ ڏنڊ به ادا ڪرڻو پوندو.ملڪي سياسي معاملن تي سعيد غني چيو ته پي ٽي آءِ ملڪ ۾ عدم استحڪام چاهي ٿي، جنهن جو سڀ کان وڏو نقصان پي ٽي آءِ کي ٿيندو، پي ٽي آءِ جا باني اها ڳالهه نٿا سمجهن.سعيد غني اهو به چيو ته ڄام صادق پل جي جاءِ تي نئون ٽاور ٺاهيو ويندو ۽ پراڻو ٽاور ڊاهيو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو