ڪراچي )اسٽاف رپورٽر)ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم ڪڪر رهڻ جو امڪان آهي.موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ ڪجهه هنڌن تي هوائن ۽ گجگوڙ سان گڏ هلڪي کان وچولي برسات پئجي سگهي ٿي.موسميات کاتي چيو ته شهر ۾ وڌ ۾ وڌ گرمي پد 35 کان 37 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.موسميات کاتي موجب، گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 28.5 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو.موسميات کاتي وڌيڪ چيو ته شهر ۾ ڏکڻ اوڀر کان هلڪي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن جنهن ۾ نمي جو تناسب 65 سيڪڙو آهي.










