ڪراچي ( رپورٽ باغي ساگر پنھوار )ڊائو هسپتال ۾ نرسنگ اسٽاف ۾ چئن سالن کان ڪم ڪندڙ ملازمن جو نرسنگ ڊائريڪٽري شمسا ساماڻي جي آفيس اڳيان زمان ملهڻ رئوف مغيري فرزانا سيال ڪفايت کوکر مسرو سيال اعجاز ڪليري جي اڳوڻي ۾ ڌرڻو هڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته چار سال اڳ اسان کي ڊائو هاسپيٽل ۾ ڪانٽريڪٽ تي ڀرتي ڪيو هو جيڪا اسان ڪرونا وائرس جهڙي ڏکين حالتن ۾ جان جي بازي لڳائي انسان جي مشڪل حالتن ۾ نوڪري ڪئي پر گذريل اٺن مهينن کان جڏهن کان نئين نرسنگ ڊائريڪٽر ميڊم شمسا ساماڻي مقرر ٿي آهي ته اسان سنڌي نرسنگ اسٽاف تي ڪم ڪندڙ ملازمن جي نوڪري پويان پئجي وئي آهي هاڻي وري بهانا ڪري پنهنجا آغا خاني نوڪرين ۾ ڀرتي ڪرڻ ٿي چاهي ۽ جانچ ڪرائي وڃي ته هن اٺن مهينن ۾ ڪيترائي ماڻهو پنهنجا من پسند نوڪرين تي رکيا آهن هنن الزام هنيو آهي ته ڊائو هاسپيٽل ۾ سنڌي ماڻهن کي بيدخل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي اسين سڀ پورهيت طبقي جا ماڻهو آهيون بيروزگاري سبب پنهنجا ٻچا ڪيئن پاليون مظاهرو ڪندڙ ن سنڌ هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس ۽ سي ايم سنڌ مراد علي شاهه سنڌ جي صحت جي صوبائي وزير ٻين وس وارن کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي نوٽيس وٺي انصاف فراهم ڪيو وڃي.










