اسلام آباد (بيورو رپورٽ)دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته پابندي مڙهيل بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) هندستان جي پراڪسي طور وڙهي رهي آهي ۽ هندستان انهن کي خونريزي لاءِ پئسا ڏئي رهيو آهي.ڳالهائيندي خواجه آصف چيو ته اسان دهشتگردن کي پوري طاقت سان جواب ڏينداسين، اهڙن واقعن کان پوءِ اهڙيون تحريڪون مقبوليت وڃائي ويهنديون آهن.هن چيو ته جيڪڏهن اهي ماڻهو جيڪي پنهنجو دفاع نٿا ڪري سگهن، جن ۾ ٻار ۽ عورتون شامل آهن، انهن کي نشانو بڻايو وڃي ته پوءِ اهڙي تحريڪ جي مذمت ڪئي ويندي آهي ۽ ان جي طاقت ٽٽي ويندي آهي.دفاع واري وزير وڌيڪ چيو ته بي ايل اي هندستان جي پراڪسي طور وڙهي رهي آهي، هندستان انهن کي پئسا ڏئي رهيو آهي ۽ اهي هتي خونريزي ڪري رهيا آهن، اسان اهو به ثابت ڪنداسين ته اسان ڇا چئي رهيا آهيون، اهي صرف لفظ نه آهن.ڏکڻ آفريڪا جي صدر سيرل رامافوسا سان ملاقات دوران، ٽرمپ مٿس ڏکڻ آفريڪا ۾ گورن جي نسل ڪشي جو الزام لڳايو.ٽرمپ ڏکڻ آفريقا جي صدر ۽ صحافين کي گوري اقليت جي نسل ڪشي جي ثبوت طور ڪجهه تصويرون سميت دستاويز ڏيکاريا ۽ چيو ته گورا هاري ڏکڻ آفريڪا مان ڀڄي رهيا هئا.










