پي ٽي آءِ اڳواڻن جي خان کي ڪا به پرواهه ناهي: فواد

پي ٽي آءِ اڳواڻن جي خان کي ڪا به پرواهه ناهي: فواد

لاھور (ويب ڊيسڪ)اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري جو چوڻ آهي ته پي ٽي آءِ جي موجوده قيادت کي باني پي ٽي آءِ جي پرواهه ناهي. لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي فواد چوڌري چيو ته 9 مئي تي 35 ڪيسن مان هڪ جي اڄ لاهور ۾ ٻڌڻي ٿي رهي آهي. هن چيو ته جيڪڏهن 9 مئي کان پوءِ اسان سان جيڪو ٿيو اهو موجوده قيادت سان ٿئي ها ته اهي ڀڄي وڃن ها. پارٽي موجوده قيادت هيٺ نه هلي رهي آهي. پي ٽي آءِ جي باني کي ان بابت فيصلو ڪرڻو پوندو. فواد چوڌري چيو ته پي ٽي آءِ جي قيادت پي ٽي آءِ جي باني کي آزاد ڪرڻ لاءِ ڪجهه به نه ڪري رهي آهي، هن قيادت کي تبديل ڪيو وڃي ۽ پراڻي قيادت کي واپس آندو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ايران تي ڪالهه حملو ٿيو، پر صرف هڪ مخالف ڌر ميمبر ان بابت پريس ڪانفرنس ڪئي، جڏهن ته اسان کي هر صورت ۾ ايران سان گڏ بيهڻ گهرجي. هن اهو به چيو ته اسان کي پنهنجن اسلامي ملڪن سان گڏ بيهڻ گهرجي ۽ ايران تي حملي جي مذمت ڪرڻ گهرجي.

پهنجو تبصرو موڪليو