راولپنڊي (ويب ڊيسڪ)پنجاب ۽ خيبر پختونخوا جي سرحدي علائقي ۾ پوليس ۽ انٽيليجنس ادارن جي گڏيل آپريشن ۾ خوارجي دهشتگرد مولوي نذير ڪمانڊر مارجي ويو. پوليس موجب، آپريشن پوليس ۽ انٽيليجنس ادارن پاران پنجاب ۽ ڪي پي جي سرحدي علائقي ۾ جبلن ۾ دهشتگردن جي موجودگي جي اطلاع تي ڪيو ويو. پوليس موجب، ڪارروائي جي نتيجي ۾ خوارجي دهشتگرد مولوي نذير ڪمانڊر مارجي ويو، جڏهن ته مقامي ماڻهن به ڪارروائي ۾ مدد ڪئي.










