اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف بحرين جي بادشاهه شاهه حمد بن عيسيٰ ۽ ايران جي صدر مسعود پرزشڪيان سان ٽيليفون تي رابطا ڪيا آهن.وزيراعظم شهباز شريف بحرين جي قيادت ۽ عوام کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏيندي نيڪ خواهشن جو اطهار ڪيو. ٻنهي اڳوانن مسلمان امت جي اتحاد ۽ غزه جي عوام لاءِ خصوصي دعا ڪئي.وزيراعظم شهباز شريف پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ دوران بحرين جي موقف جي تعريف ڪندي چيو ته پاڪستان ۽ بحرين جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لاڳاپا آهن. انهي موقعي تي شهباز شريف بحرين جي بادشاهه کي پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني جنهن کي انهي قبول ڪري ورتو.ٻئي پاسي شهباز شريف ايراني صدر مسعود پزشڪيان سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. وزيراعظم ايراني صدر ۽ عوام کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني ۽ آيت الله علي خامنائي لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.ٻنهي اڳواڻن گڏيل دلچسپي جي شعبن ۾ لاڳاپا وڌيڪ مضبوط بنائڻ جي خواهش جو اظهار، علاقائي ۽ عالمي اڳڀرائي تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.










