وزيراعظم امن امان بابت اهم جرڳي ۾ شرڪت لاءِ ڪوئيٽا پهچي ويو

وزيراعظم امن امان بابت اهم جرڳي ۾ شرڪت لاءِ ڪوئيٽا پهچي ويو

ڪوئيٽا )ويب ڊيسڪ)وزيراعظم شهباز شريف امن امان بابت هڪ اهم جرڳي ۾ شرڪت لاءِ ڪوئيٽا پهتو. جرڳي ۾ بلوچستان جي مختلف علائقن مان قبائلي ۽ سياسي اڳواڻ، گورنر، وڏو وزير، صوبائي وزير ۽ اسيمبلي جا ميمبر شرڪت ڪندا.جرڳو بلوچستان ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي بحث ڪندو، ۽ مختلف معاملن تي بزرگن کي اعتماد ۾ ورتو ويندو.جرڳي ۾ بلوچستان جي قبائلي ۽ سياسي اڳواڻن کي به دعوت ڏني وئي آهي، جڏهن ته بلوچستان جا گورنر ۽ وڏو وزير، صوبائي وزير ۽ اسيمبلي جا ميمبر پڻ شرڪت ڪندا.جرڳو بلوچستان ۾ امن امان جي مجموعي صورتحال تي بحث ڪندو. هن خاص جرڳي ۾ صوبي جي بزرگن کي مختلف معاملن تي اعتماد ۾ ورتو ويندو.ذريعن موجب وزيراعظم ڪوئيٽا ۾ امن امان جي حوالي سان هڪ اهم اجلاس جي صدارت ڪندو. ڪابينا جا ميمبر به انهن سان گڏ موجود هوندا.ذريعن جو چوڻ آهي ته وزيراعظم شهباز شريف ڪوئيٽا ۾ ڌماڪي ۾ زخمين جي عيادت به ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو