ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ نئين سال جي جشن دوران هوائي فائرنگ جي نتيجي ۾ 30 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته 65 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو. ذريعن موجب نئين سال جي شروعات رات 12 وڳي ڪراچي جي مختلف علائقن ۾ فائرنگ، ڦاٽڪ ۽ خوشيءَ سان ڪئي وئي.ان حوالي سان پوليس جو چوڻ آهي ته لياري دريا آباد، رنڇوڙ لائين، ڊالميا ۽ ڪلفٽن ۾ هوائي فائرنگ سان 4 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته گلشن اقبال 13 ڊي ۾ هوائي فائرنگ سان 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا.ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر، لياري، گارڊن، سچل، ڪورنگي، اورنگي، سائيٽ، سرجاني، ملير، قائد آباد، گلستان جوهر، لياقت آباد، نيو ڪراچي، بلديه، ڪيمسٽري، سهراب گوڙ، فيڊرل بي ايريا ۽ ڪلفٽن ۾ هوائي فائرنگ ۽ آتشبازي ڪئي وئي.










