ملڪي چئلينجن جي تناظر ۾ حسيني ڪردار جي ضرورت آهي،صدر

ملڪي چئلينجن جي تناظر ۾ حسيني ڪردار جي ضرورت آهي،صدر

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)صدر آصف علي زرداري چيو آهي ته عاشورا جو ڏينهن اسان کي قرباني، سچائي ۽ مخلص عزم جو پيغام ڏئي ٿو.عاشورا جي ڏينهن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ صدر آصف علي زرداري چيو ته هي ڏينهن اسان کي پيغمبر اسلام ﷺ جي پوٽي حضرت امام حسين رضه ۽ انهن جي مخلص ساٿين جي عظيم شهادت جي ياد ڏياري ٿو.صدر چيو ته ڪربلا جو واقعو باطل جي خلاف هڪ ابدي جدوجهد جي علامت آهي، عظيم امام جي شهادت سچائي، انصاف ۽ خدا جي رضا تي ٻڌل هڪ الاهي مشن هو.هن چيو ته ڪربلا ضمير، ڪردار ۽ مذهب جي حقيقي روح جو امتحان هو، امام حسين رضه جو عظيم پيغام اصولن تي ثابت قدم رهڻ ۽ ظلم ۽ جبر جي سامهون نه جهڪڻ آهي.صدر آصف زرداري چيو ته اڄ ملڪ کي درپيش چئلينجن جي تناظر ۾، اسان کي هڪ قوم جي حيثيت سان حسين جي ڪردار جي ضرورت آهي. اسان کي اڄ عهد ڪرڻو پوندو ته اسان پاڪستان کي امام حسين رضه جي آزادي ۽ انصاف جي پيغام جو مظهر بڻائينداسين.

پهنجو تبصرو موڪليو