ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ پوليس جي ڊي آءِ جي مقصود احمد ميمڻ کي انٽرنيشنل پوليس آرگنائزيشن پاڪستان سيڪشن جو صدر مقرر ڪيو ويو آهي.اهڙو فيصلو آءِ پي او جي اٽلي جي شهر ميلان ۾ ٿيل ايگزيڪيوٽو بورڊ جي اجلاس ۾ ڪيو ويو. ڊي آءِ جي مقصود احمد پوليس ۾ پنهنجي 20 سالن جي سروس دوران اهم عهدن تي رهيو آهي، هو اسپيشل سيڪيورٽي يونٽ (هڪ اعليٰ معيار جي پوليس فورس) جو باني آهي. ايس ايس يو پاڪستان جو واحد آءِ ايس او سرٽيفائيڊ يونٽ ۽ پاڪستان جي پهرين اسپيشل ويپن اينڊ ٽيڪٽس ٽيم جو ادارو جيڪو شهري علائق ۾ دهشتگردي جي خلاف بهتر ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. ڊي آءِ جي مقصود احمد ميمڻ انٽرنيشنل پوليس آرگنائزيشن جي پاڪستان ۾ نمائيندگي کي اعزاز قرار ڏيندي چيو ته آءِ پي او جو بنيادي مقصد قانون لاڳو ڪرڻ واري ادارن جي صلاحيت ۾ اضافو ڪرڻ ۽ ڏوهن جي خلاف جنگ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي. مقصود ميمڻ پاڪستان جي پوليس آفيسر ۽ ملازمن کي تاڪيد ڪئي آهي ته هو به آءِ پي او جي رڪنيت حاصل ڪن ته جيئن هو دنيا جي مختلف ملڪن ۾ قانون لاڳو ڪرڻ وارن ادارن جي بين الاقوامي نيٽ ورڪ سان گڏ صلاحيتن کي بهتر بڻائڻ جا موقعا حاصل ڪري سگهن.










