ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) مشهور مذهبي عالم مفتي تقي عثماني کي مسلم دنيا ۾ ٻيو نمبر بااثر شخصيت قرار ڏنو ويو آهي,،اردن جي رائل انسٽيٽيوٽ آف اسٽريٽجڪ اسٽڊيز 500 بااثر مسلمانن جي فهرست جاري ڪئي آهي، فهرست موجب، قطر جو امير شيخ تميم بن حمد الثاني مسلم دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ بااثر شخصيت آهي، جڏهن ته مفتي تقي عثماني کي مسلم دنيا ۾ ٻيو نمبر بااثر شخصيت قرار ڏنو ويو آهي، مشهور مذهبي عالم مولانا طارق جميل پڻ مسلم دنيا جي 50 بااثر شخصيتن ۾ شامل آهن، مسلم دنيا جي 50 بااثر شخصيتن ۾ سعودي عرب جو بادشاهه سلمان بن عبدالعزيز، سعودي ولي عهد محمد بن سلمان، برڪينا فاسو جو صدر ڪيپٽن ابراهيم تراور، ايران جو سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي، اردن جو بادشاهه عبدالله دوم ۽ ترڪي جو صدر رجب طيب اردگان شامل آهن،دنيا جي 500 بااثر مسلمان شخصيتن جي فهرست ۾ شامل پاڪستانين ۾ وزيراعظم شهباز شريف، فيلڊ مارشل سيد عاصم منير، مير شڪيل الرحمان، حامد مير، حافظ نعيم الرحمان، عمران خان، ڊاڪٽر عمر سيف، ملالا يوسفزئي ۽ ٻيا شامل آهن.










