لسٻيلا (ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي لسٻيلا جي اوٿل علائقي ۾ زيرو پوائنٽ ويجهو مسافر ڪوچ ۽ ٽرڪ جي ٽڪر ۾ 6 ماڻهو فوت ٿي ويا.ايس ايس پي لسٻيلا موجب حادثي ۾ 17 مسافر زخمي پڻ ٿيا آهن، سڀني لاشن ۽ زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.پوليس موجب مسافر ڪوچ پنجگور کان ڪراچي وڃي رهي هئي. حادثي کان پوءِ قومي شاهراهه تي ٽريفڪ جي وهڪري متاثر ٿي آهي جڏهن ته امدادي ڪارروايون جاري آهن.










