لاهور: داتا درٻار مان اغوا ٿيل 3 سالن جو ٻار بازياب

لاهور: داتا درٻار مان اغوا ٿيل 3 سالن جو ٻار بازياب

لاهور )ويب ڊيسڪ)پوليس لاهور جي داتا درٻار مان اغوا ٿيل 3 سالن جي ٻار کي بازياب ڪرائي ورتو آهي ۽ هڪ اغوا ڪندڙ کي گرفتار ڪري ورتو آهي. سيف سٽي ڪيمرائن جي مدد سان اغوا ٿيل ٻار ۽ جوابدارن کي ٽريڪ ڪيو ويو. ايس پي سٽي بلال احمد لوهاري پوليس اسٽيشن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 3 سالن جو حسن پنهنجي خاندان سان گڏ داتا دربار آيو هو، جڏهن سندس ماءُ کيس پارڪ ۾ ويهاري کاڌو وٺڻ لاءِ وئي ته هڪ ماڻهو ٻار کي اغوا ڪري کڻي ويو. پوليس موجب، جوابدار پهريان مقامي بس ذريعي گجومتا پهتو، ايس پي سٽي بلال احمد موجب، پوليس سيف سٽي ڪيمرائن ذريعي اغوا ٿيل ٻار کي ڳولي لڌو، ٻار کي هڪ خالي گهر مان هٿ ڪيو ويو ۽ جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو