فيصل آباد (ويب ڊيسڪ)فيصل آباد ۾ مسافر بس ۽ ٽرالر جي وچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت ٽي ماڻهو فوت ٿي ويا، جڏهن ته ست زخمي ٿي پيا.ريسڪيو ترجمان موجب، حادثو جهنگ روڊ تي اڊا سهل جي ويجهو پيش آيو جڏهن ڊيرا غازي خان کان ايندڙ مسافر بس پويان کان ٽرالر سان ٽڪرائجي وئي.ريسڪيو اختيارين موجب، هڪ عورت سميت ٽي ماڻهو موقعي تي فوت ٿي ويا جڏهن ته ست زخمي ٿي پيا.زخمين مان چار جي حالت نازڪ ٻڌائي پئي وڃي ۽ انهن کي فوري طور تي الائيڊ اسپتال منتقل ڪيو ويو.حادثي کان پوءِ بس ڊرائيور موقعي تان فرار ٿي ويو.










