آواران ۾ انٽيلي جنس بنياد تي آپريش، 5 دهشتگرد مارجي ويا

آواران ۾ انٽيلي جنس بنياد تي آپريش، 5 دهشتگرد مارجي ويا

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)بلوچستان جي ضلعي آواران ۾ سڪيورٽي فورسز سان مقابلي ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي آءِ ايس پي آر موجب سڪيورٽي فورسز آواران جي علائقي مشڪي ۾ ڳجهي اطلاع تي آپريشن ڪيو.آءِ ايس پي آر موجب آپريشن دوران سڪيورٽي فورسز ۽ دهشتگردن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جوابي فائرنگ ۾ 5 دهشتگرد مارجي ويا.پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري کاتي موجب دهشتگردن جي ٺڪاڻن مان هٿيار، بارودي مواد ۽ ڌماڪيدار مادو هٿ ڪيو ويو ۽ ٺڪاڻن کي تباهه ڪيو ويو.آءِ ايس پي آر موجب علائقي مان ٻين دهشتگردن جي خاتمي لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي، سڪيورٽي فورسز بلوچستان جي امن ۽ استحڪام کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائڻ لاءِ پرعزم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو