لاهور: (ويب ڊيسڪ) ٽيڪس فري ۽ عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز کي خراج تحسين پيش ڪرڻ جي قرارداد پنجاب اسيمبلي ۾ جمع ڪرائي وئي آهي.قرارداد مسلم ليگ(ن) جي ميمبر حنا پرويز بٽ جمع ڪرائي جنهن ۾ چيو ويو آهي ته پنجاب اسيمبلي جو اهو ايوان ٽيڪس فري ۽ عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي مريم نواز کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو.قرارداد ۾ چيو ويو ته ناڻي وارو وزير مجتبيٰ شجاع الرحمان به مبارڪباد جو مستحق آهي، مريم نواز صحت، تعليم، زراعت ۽ ترقياتي بجيٽ ۾ تاريخي اضافو ڪيو.حنا پرويز بٽ چيو ته بجيٽ ۾ شاگردن ۽ عورتن کي وڏي رقم رکي وئي جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته نوجوان طبقو مريم نواز جي اوليت ۾ سرفهرست آهي.هن چيو ته پنجاب جو ٽيڪس فري بجيٽ عوامي امنگن جو ترجمان آهي هي ايوان عوامي خدمت جي ارادن جو اظهار ڪري ٿو هي ايوان عام ماڻهو جي زندگين ۾ آسانيون آڻڻ جي لاءِ هر امڪاني تعاون جاري رکندو.










