لاڙڪاڻو(ن س) پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عوام کي معاشي مشڪلاتن مان ڇوٽڪارو ڏيارڻ لاءِ سياسي جماعتن کي پنهنجا اختلاف ختم ڪرڻ جي صلاح ڏئي ڇڏي آهي. سندس چوڻ هو ته وفاقي حڪومت کي صلاح آهي ته هر ڪنهن سان جهيڙو ڪرڻ بدران سمورن اسٽيڪ هولڊرز سان رابطو ڪيو وڃي. جيڪڏهن اسان پي ٽي آءِ، مولانا، دهشتگردن، ڀارت ۽ افغانستان سان وڙهڻ ۾ لڳي وينداسين ته پوءِ سڄو وقت انهيءَ ڪم ۾ ئي گذري ويندو. لاڙڪاڻي ۾ 600 بسترن تي ٻڌل نئين اسپتال جو سنگ بنياد رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري شفاف چونڊن لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر پي ٽي آءِ کي چونڊ سڌارن واري ڪميٽيءَ ۾ شامل ٿيڻ جي دعوت ڏني. هن چيو ته پارليامينٽ کي مضبوط بڻائڻ لاءِ سمورين سياسي جماعتن کي چونڊ سڌارن واري ڪميٽيءَ جو حصو بڻجڻ گهرجي. بلاول ڀٽو چيو ته بلوچستان جي نصيرآباد ۽ ٻين علائقن مان به ماڻهو علاج لاءِ لاڙڪاڻي اچن ٿا. پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين چيو ته جڏهن هو پهريون ڀيرو قومي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو هو ته چانڊڪا ميڊيڪل جي ايم ايس سان رابطو ٿيو. ساڻس ملاقات کانپوءِ اسپتال کي درپيش مسئلن جي خبر پئي. هن چيو ته پيپلز پارٽي عوام کي عالمي معيار جو علاج فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته علاج جون سهولتون موجود هجڻ گهرجن ۽ پئسا نه هجڻ سبب ڪو به شهري علاج کان محروم نه رهڻ گهرجي. موجوده حالتن ۾ عوام لاءِ مفت علاج جون سهولتون وڌيڪ اهم آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته سنڌ حڪومت اعليٰ تعليم جي فراهميءَ تي 45 ارب رپيا خرچ ڪري رهي آهي. معاشي مشڪلاتن جي هن دور ۾ عوام لاءِ اسان جي ذميواري وڌيڪ وڌي وئي آهي، جڏهن ته بلوچستان مان به ماڻهو علاج لاءِ لاڙڪاڻي اچن ٿا. هن چيو ته ڪوشش ڪئي ويندي ته هتي عالمي معيار جون صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن. معاشي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سنڌ جي سمورن علائقن ۾ صحت جي سهولتن تي ڌيان ڏنو ويو آهي. بلاول ڀٽو چيو ته لاڙڪاڻي شهر ۾ پاڻيءَ جي فراهميءَ جي صورتحال ايتري بهتر ناهي ۽ هو شهر کي پاڻي فراهم ڪرڻ چاهين ٿا. ڪوشش ڪئي ويندي ته تعليمي ادارن کي پنهنجن پيرن تي بيهاريو وڃي. هن چيو ته تنقيد ڪرڻ آسان، پر ڪم ڪرڻ ڏکيو آهي. عوام کي صحت جون سهولتون سندن درن تائين پهچائڻ اولين ترجيح آهي.










