سيد امير حيدر شاهه جو ٽيجهو، مغفرت جي دعا

سيد امير حيدر شاهه جو ٽيجهو، مغفرت جي دعا

مانجهند (رپورٽ مهراڻ عمراڻي)جديد قومپرست سياست جي باني سائين جي ايم سيد جي وڏي فرزند سيد امير حيدر شاهه جو ٽيجهو سن ۾ ٿي گذريو  جنهن ۾ سيد خاندان جي ڀاتين سميت قومپرست جماعتن جي اڳواڻن جسقم چيئرمين صنعان خان قريشي غلام سرور خشڪ جسقپ جي دودو ديشي ۽ٻين شرڪت ڪئي جنهن ۾ قران خواني ڪرائي مرحوم جي ايثال ثواب لاء خاص دعا گهرائي وئي.

  هوڏانهن سيد امير حيدر شاه جي وفات  تي سيد جلال محمود شاه سيد زين شاه بدرالزمان شاه سميت پوئنرن سان  تعزيت جو سلسلو هلندڙ آھي صوبائي وزير امتياز شيخ، ايم اين اي رفيق احمد جمالي اڳوڻي ايم پي اي ڊاڪٽر  سڪندر شورو،  ڪانڀو خان برهماڻي  ابرار قاضي سميت مختلف شخصيتن تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو