لاهور: (ويب ڊيسڪ) پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته سنڌ حڪومت وٽ نه ٻڌائڻ لاءِ ڪجهه آهي نه وري ڪجهه ڏيکارڻ جي لاءِ آهي.پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري پنهنجي هڪ بيان ۾ چيو ته اوهان پنهنجون ناڪاميون لڪائڻ جي لاءِ تنقيد ڪرڻ کان نٿا مڙو. پنجاب جا ماڻهو مريم نواز کي دعائون ڏئي رهيا آهن جڏهن ته سنڌ جا ماڻهو سنڌ جي گندي هوا تي اوهان کي بددعائون ڏئي رهيا آهن.هن چيو ته اوهان پنهنجي ناقص ڪارڪردگي جي ڪاوڙ اسان تي نه ڪڍو، پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز جو گرائونڊ تي وڃڻ ضروري نه آهي جڏهن ته هڪ لک 40 هزار ماڻهو انتظاميه ۽ وزير گرائونڊ تي موجود آهن. هن وقت مقصد اوجهه کڻڻ ۽ صوبي جي خوبصورتي کي برقرار رکڻ آهي.عظميٰ بخاري چيو ته هن وقت پنجاب ۾ هڪ لک 40 هزار ورڪرز فيلڊ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن، پر 2 ڏينهن کان سنڌ جو وڏو وزير ۽ انهن جي وزيرن جا فوٽيج منظر عام تان غائب آهن اوهان صرف ڪراچي کي به صاف رکڻ جي صلاحيت نٿا رکو. هن چيو ته گذريل 16 سالن کان سنڌ حڪومت ۽ انهن جي ٻارن(جمورن) جو هڪ ئي روڄ پٽڪو آهي، جڏهن ته ڳلهه صرف ميڊيا مينجمينٽ جي ناهي، جيڪو ڪجهه ميڊيا ڏسي رهي آهي اهوئي ڏيکاري رهي آهي، سنڌ حڪومت وٽ نه ٻڌائڻ جي لاءِ ڪجهه آهي نه ڏيکارڻ لاءِ ڪجهه آهي. حسد جو علاج ته حڪيم لقمان وٽ به نه هو. اها ته هڪ ڪهاوٽ آهي ته محنت ڪر ساڙ نه ڪر.










