اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي حڪومت ايندڙ مالي سال ۾ سنڌ ۾ 16 ترقياتي منصوبا سنڌ حڪومت جي حوالي ڪرڻ بدران وفاقي وزارت هائوسنگ جي حوالي ڪري ڇڏيا آهن. سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ان قدم کي صوبائي خودمختياري تي حملو قرار ڏنو. رپورٽ موجب نئين مالي سال 2025-26 ۾ ڪراچي، حيدرآباد، سکر، نوابشاهه ۽ ميرپورخاص ۾ 16 ترقياتي منصوبا وفاقي وزارت هائوسنگ جي حوالي ڪيا ويا. انهن منصوبن ۾ حيدرآباد ۾ روڊن ۽ سيوريج جي تعمير، ۽ ڪراچي جي سينٽرل، ايسٽرن، ڪورنگي، ملير ۽ مغربي ضلعن ۾ روڊن ۽ سيوريج جي تعمير شامل آهي.سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه وفاقي حڪومت جي قدم کي صوبائي خودمختياري تي حملو قرار ڏنو آهي. وفاقي وزارت هائوسنگ جي حوالي ڪيل منصوبن ۾ سکر، نوابشاهه ۽ ميرپورخاص جي يوسي ۽ وارڊن ۾ پاڻي جي فراهمي، سيوريج لائينون ۽ سولر لائيٽون لڳائڻ، حيدرآباد جي لطيف آباد ۾ ڇهن روڊن جي تعمير جا منصوبا، ۽ ڪراچي جي ڪار بازار، سينٽرل ضلعي ۾ هڪ پارڪ جي تعمير شامل آهن. ان کان علاوه، ڊسٽرڪٽ سينٽرل ڪراچي ۾ پاڪ-ايشين فٽبال گرائونڊ جي تعمير، ڊسٽرڪٽ ويسٽ، ڊسٽرڪٽ سينٽرل ۽ ڪورنگي ۾ انفراسٽرڪچر جي بحالي، ۽ روڊن، پاڻي جي لائينن، سيوريج، پارڪن ۽ راندين جي ميدانن جي تعمير جا منصوبا پڻ وفاقي وزارت هائوسنگ کي ڏنا ويا آهن. حيدرآباد ۾ حسين آباد کان ڪوهسار تائين پاڻي جي فراهمي جي لائن جو ڪم پڻ وفاقي وزارت جي حوالي ڪيو ويو آهي. صرف ٻه منصوبا گرين لائن بي آر ٽي جي تعمير ۽ گرين لائن بي آر ٽي کي چالو ڪرڻ سنڌ حڪومت کي ڏنا ويا آهن.










