دريائن ۽ پاڻي جي زخيرن بابت صورتحال تي رپورٽ جاري

دريائن ۽ پاڻي جي زخيرن بابت صورتحال تي رپورٽ جاري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) واٽر اينڊ پاور ڊولپمينٽ اٿارٽي (واپڊا) دريائن ۽ آبي ذخيرن ۾ پاڻي جي صورتحال بابت رپورٽ ڏني.واپڊا ترجمان موجب، سنڌو درياءَ ۾ تربيلا تي پاڻي جي آمد 212,400 ڪيوسڪ آهي جڏهن ته اخراج 153,500 ڪيوسڪ آهي، جهلم درياءَ ۾ منگلا تي پاڻي جي آمد 38,000 ڪيوسڪ آهي جڏهن ته اخراج 16,200 ڪيوسڪ آهي، جڏهن ته ڪابل درياءَ ۾ نوشهره تي پاڻي جي آمد 30,100 ڪيوسڪ آهي جڏهن ته اخراج 30,100 ڪيوسڪ آهي.واپڊا ترجمان چيو ته چشمه بئراج تي پاڻي جي آمد 197,600 ڪيوسڪ ۽ اخراج 180,000 ڪيوسڪ آهي. چناب درياءَ ۾ هيڊ مرالا تي پاڻي جي آمد 70,300 ڪيوسڪ جڏهن ته اخراج 37,900 ڪيوسڪ آهي.واپڊا ترجمان موجب تربيلا رزروائر ۾ پاڻي جي سطح 1461.52 فوٽ ۽ پاڻي جو ذخيرو 1.472 ملين ايڪڙ فوٽ آهي، منگلا رزروائر ۾ پاڻي جي سطح 1170.95 فوٽ ۽ پاڻي جو ذخيرو 2.633 ملين ايڪڙ فوٽ آهي، جڏهن ته چشمه رزروائر ۾ پاڻي جي سطح 644.30 فوٽ ۽ پاڻي جو ذخيرو 121 ملين ايڪڙ فوٽ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو