مظفر آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪ فوج جي انٽر سروسز پبلڪ رليشنز (آءِ ايس پي آر) جي ڊائريڪٽر جنرل (ڊي جي) ليفٽيننٽ جنرل احمد شريف چوڌري آزاد ڄمون ۽ ڪشمير يونيورسٽي جو دورو ڪيو. آءِ ايس پي آر موجب ڪشميري شاگردن ڊي جي آءِ ايس پي آر جو روايتي انداز ۾ استقبال ڪيو.ان موقعي تي آزاد ڄمون ۽ ڪشمير يونيورسٽي جي شاگردن ۽ استادن سان هڪ خاص سوال ۽ جواب جو سيشن منعقد ڪيو ويو.شاگردن ڀارتي جارحيت جو مناسب جواب ڏيڻ تي پاڪ فوج کي خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته ڪشمير پاڪستان جي شہ رگ آهي ۽ اسان هر قيمت تي ڪشمير کي پاڻ سان گڏ کڻي وينداسين.










