تحريڪ انصاف هر قيمت تي چونڊون وڙهندي: بابر اعواڻ

تحريڪ انصاف هر قيمت تي چونڊون وڙهندي: بابر اعواڻ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ بابر اعواڻ چيو آهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف هر قيمت تي چونڊون وڙهندي.اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر اعواڻ چيو ته انشاءَ الله چونڊون کٽينداسين، اسان وٽ هر سيٽ تي اميدوار آهن، اسان جي اها حڪمت عملي هئي ته هر تڪ مان پنهنجو اميدوار بيهاريو.اسان جا ماڻهو نڪرن ٿا انهن کي کنيو پيو وڃي، آئين ڪنهن کي به اليڪشن وڙهڻ کان نٿو روڪي، هتي ماڻهن کان نامزدگي ڪاغذ کسيا ويا.هن چيو ته 300 کان وڌيڪ نامزدگي ڪاغذ رد ڪيا ويا آهن، اسان انهن حربن خلاف سپريم ڪورٽ وڃي رهيا آهيون.بابر اعواڻ جو چوڻ آهي ته هاءِ ڪورٽ اجازت ڏني آهي، پي ٽي آءِ باني پاڻ ٽڪيٽون جاري ڪندو، اميد آهي ته سپريم ڪورٽ مان انصاف ملندو.پي ٽي آءِ اڳواڻ اهو به چيو ته نوازشريف کي بري ناهي ڪيو ويو، پراسيڪيوشن ڪيس ۾ ڀڄي وئي آهي، نواز شريف کي ايئرپورٽ تي بيهاري سگهجي ٿو پر عوام جي دلين ۾ ناهي، 9 فيبروري تي نئين سال جون واڌايون پيش ڪندس.

پهنجو تبصرو موڪليو