بلوچستان جي اسلام آباد، راولپنڊي ۽ مسلم باغ تحصيل ۾ تيز برسات

بلوچستان جي اسلام آباد، راولپنڊي ۽ مسلم باغ تحصيل ۾ تيز برسات

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ تيز برسات پئي، جڏهن ته ڪهوٽا ۾ تيز برسات سبب ٻوڏ آئي ۽ پاڻي گهرن ۽ دڪانن ۾ داخل ٿي ويو. مٽيءَ جي گهر جي ڇت ڪرڻ سبب هڪ اڍائي سالن جي ڇوڪري فوت ٿي وئي ۽ ٽي عورتون زخمي ٿي پيون.آزاد ڪشمير جي مختلف علائقن ۾ به برسات پئي. موسميات کاتي اڄ ۽ سڀاڻي اسلام آباد، مري، گليات، پنجاب، خيبرپختونخواه، بلوچستان ۽ ڪشمير ۾ تيز برساتن جي اڳڪٿي ڪئي آهي.موسميات کاتي الرٽ جاري ڪيو آهي. دريائن ۾ ٻوڏ ۽ جبلن جي علائقن ۾ لينڊ سلائيڊنگ جو خطرو آهي.ان دوران بلوچستان ۾ قلعه سيف الله جي مسلم باغ تحصيل ۾ تيز برساتن سبب درجنين گهرن جون ڇتيون اڏامي ويون، 100 کان وڌيڪ بجلي جا ٽاور ڪري پيا.برسات سبب مواصلاتي نظام سخت متاثر ٿيو، ۽ واپڊا ڪالوني، گرڊ اسٽيشن ڪالوني ۽ ڪيسڪو آفيسن کي نقصان پهتو.

پهنجو تبصرو موڪليو