لاهور )ويب ڊيسڪ)پيپلز پارٽي جي اڳواڻ قمر زمان ڪائره جو چوڻ آهي ته باني پي ٽي آءِ جي ڪوشش ملڪ کي ڊيفالٽ ڪرڻ جي هئي، پر پيپلز پارٽي سياسي پارٽين کي گڏ ڪيو ۽ مشڪلاتون گهٽ ڪيون، پيپلز لائرز فورم جي سرپرستي هيٺ محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي لاهور هاءِ ڪورٽ بار ۾ هڪ سيمينار منعقد ڪيو ويو، خاص مهمان قمر زمان ڪائره چيو ته پي ٽي آءِ معمولي مشڪلاتن جي شڪايت ڪرڻ شروع ڪئي آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي آمريت واري دور جي مشڪلاتن کي مسڪراهٽ سان برداشت ڪيو، هن وڌيڪ چيو ته اڄڪلهه هڪ پارٽي سوشل ميڊيا تي گرفتارين تي بحث ڪري رهي آهي، جڏهن ته پيپلز پارٽي شاهي قلعي کان سکر جيل تائين سڀ ڪجهه برداشت ڪيو، قمر زمان ڪائره چيو ته پاڪستاني فوج هندستان کي چيڀاٽيو آهي، جيڪو ميزائل ٽيڪنالاجي جو نتيجو آهي، ۽ ميزائل ٽيڪنالاجي محترمه بينظير کڻي آئي هئي.










