لاهور (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز چيو آهي ته ايٽمي ڌماڪا هڪ پرامن ۽ محفوظ پاڪستان جي ضمانت آهن.يوم تڪبير جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ هن چيو ته 27 سال گذري ويا آهن، پر اڄ پاڪستاني قوم جو سر فخر سان بلند آهي.مريم نواز چيو ته قوم اڃا تائين پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ نواز شريف جي شڪرگذار آهي.










