اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)پاڪستان ايئر فورس جو سربراهه ايئر چيف مارشل ظهير بابر سِڌو آمريڪا جي دوري تي آهي.ايئر چيف مارشل ظهير بابر سِڌو آمريڪا ۾ اهم سول ۽ فوجي عملدارن سان ملاقاتون ڪيون آهن.هوائي فوج جي ترجمان موجب، ايئر چيف جي آمريڪي عملدارن سان ملاقاتن دوران اهم علائقائي ۽ عالمي اسٽريٽجڪ معاملن تي بحث ڪيو ويو.ظهير بابر سِڌو گذريل ڏهن سالن ۾ آمريڪا جو سرڪاري دورو ڪندڙ پهريون پاڪستاني ايئر فورس جو سربراهه آهي.هوائي فوج جو سربراهه ظهير بابر سِڌو آمريڪي سيڪريٽري ايئر فورس ڪيلي ايل سيبلٽز سان پڻ ملاقات ڪئي آهي.










