ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) متحده قومي موومينٽ(ايم ڪيو ايم) پاڪستان جي سينئر اڳواڻ ڊاڪٽر فاروق ستار اي چالان جي خلاف 60 لک موٽر سائيڪل سوارن سان گڏ شاهراهه فيصل تي ڌرڻو هڻڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو آهي.رپورٽ موجب سرجاني ٽائون سيڪٽر فور بي ۾ عوامي رابطه مهم جي دوران خطاب ڪندي فاروق ستار چيو ته اي چالان ڪراچي وارن کي ڦرڻ جو نئون ڌنڌو آهي. هن الزام لڳايو ته سنڌ حڪومت شهري سهولتن جي فراهمي ۾ ناڪام رهي آهي، پر شهرين تي ٽيڪسز جو بار وڌندو پيو وڃي.فاروق ستار چيو ته پهريان روڊ ٺاهيو، شهر تباهه حال آهي پر عبدالله پنهنجي مستي ۾ مگن آهي. هن چيو ته جيڪڏهن اي چالان جو نظام لاڙڪاڻو، ڪشمور ۽ دادو ۾ لاڳو ناهي ته صرف ڪراچي ۾ ڇو لاڳو ڪيو پيو وڃي؟ايم ڪيو ايم اڳواڻ چيوته سنڌ حڪومت جي غير منصفاڻه ۽ وڏيرن جهڙن ٽيڪسز کي عوام رد ڪري ٿو. هن چيو ته روڊ، گٽر نٿا ٺاهيو، بس صرف ٽيڪس لڳائي رهيا آهيو، ڊمپر ۽ ڪنٽينر شهرين جون حياتيون کسي رهيا آهن، هاڻ هي ماڻهو اسان جي مال تي به هٿ وجهڻ چاهين ٿا، اهو برداشت نه ڪنداسين.هن چيو ته جيڪڏهن اي چالان سسٽم واپس نه ورتو ويو ته شهري روڊن تي نڪرندا انهن سان گڏ اسان سخت احتجاج رڪارڊ ڪرائينداسين، فاروق ستار چيو ته اي چالان سسٽم جيڪڏهن بند نه ڪيو ويو ته مان 60 لک موٽر سائيڪل سوارن سان گڏ شاهراهه فيصل تي ڌرڻو هڻندس.










