اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) جي اڳواڻ نفيسه شاهه جو چوڻ آهي ته اسرائيل ايران تي حملو ڪري بين الاقوامي قانونن جي ڀڃڪڙي ڪئي. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران پنهنجي تقرير ۾ نفيسه شاهه ايران-اسرائيل جنگ تي بحث ڪيو ۽ سوال ڪيو ته اسرائيل کي عالمي سطح تي ڇو ڇوٽ ڏني پئي وڃي؟ اسرائيل کي ڪڏهن به ان جي ڏوهن جو ذميوار ڇو نه قرار ڏنو ويندو آهي؟هن چيو ته ايران تي حملو ڪرڻ اسرائيل جو واحد ڏوهه ناهي، نيتن ياهو هڪ جنگي مجرم آهي، جنهن پنجاهه هزار فلسطينين کي شهيد ڪيو آهي.










