اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني ڀيڻ عليمه خان جو چوڻ آهي ته اسان جي خلاف هر روز نوان ڪيس ٺاهيا پيا وڃن.پي ٽي آءِ جي باني جي ڀيڻ عليمه خان دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت راولپنڊي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي خلاف هر روز نوان ڪيس ٺاهيا پيا وڃن. اڄ به اسان ضمانت لاءِ عدالت ۾ پيش ٿي رهيا آهيون. عليمه خان مريم نواز تي تنقيد ڪندي چيو ته پنجاب مريم نواز جي انتظاميا هيٺ آهي، هوءَ هڪ خوف سان ڀريل عورت آهي.جڏهن صحافي عليمه خان کان پڇيو ته ڇا شيخ رشيد به پيش ٿيو آهي، ته هن ان سان ڪهڙي ڳالهه ڪئي؟ هن چيو ته هن شيخ رشيد سان ٽرائل بابت ڳالهه ڪئي.










