احمد پور شرقيه (ويب ڊيسڪ)احمد پور شرقيه ٽول پلازا ويجهو شاگردياڻين کي کڻي ويندڙ وين ۾ باهه لڳي وئي. باهه ۾ هڪ شاگرد فوت ٿي ويو ۽ ڏهه زخمي ٿي پيا. ريسڪيو عملدارن موجب، وين ۾ باهه ايل پي جي ليڪ ٿيڻ سبب لڳي.پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز ذميوارن کي سزا ڏيڻ جو حڪم ڏنو، ۽ واقعي جي رپورٽ طلب ڪئي.










