لاهور (ويب ڊيسڪ)جماعت اسلامي پاڪستان جي نائب امير لياقت بلوچ چيو آهي ته آءِ ايم ايف جي دٻاءُ سبب سرڪاري بجيٽ عوام کي مايوس ڪري رهي آهي.لياقت بلوچ پنهنجي بيان ۾ حڪومت کان مطالبو ڪيو آهي ته بجيٽ ۾ عوام ۽ سرڪاري ملازمن کي رليف ڏنو وڃي.لياقت بلوچ جو چوڻ آهي ته ڪشمير جي مسئلي تي گڏيل حڪمت عملي ٺاهي وڃي، حڪومت کي ايشيا، وچ اوڀر ۽ ڏور اوڀر ۾ سفارتي وفد موڪلڻ گهرجن.










