واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي سربراهه سانيتا پاوليوٽا ڊيس لينڊيس چيو آهي ته افغانستان ۾ دهشتگرد گروهن جي موجودگي سبب ميمبر ملڪن کي اتان پيدا ٿيندڙ دهشتگردي جي خطرن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پنهنجي بيان ۾ هن چيو ته داعش خراسان افغانستان کان ٻاهر وارن علائقن تي ڌيان ڏئي رهي آهي، جڏهن ته تحريڪ طالبان پاڪستان هڪ سنگين خطرو آهي. سندس چوڻ هو ته دهشتگردن کي طالبان جي لاجسٽڪ ۽ آپريشنل مدد حاصل آهي ۽ ٽي ٽي پي افغان سرزمين تان پاڪستان ۾ ڪيترائي موتمار حملا ڪيا آهن.گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقل نمائندي سفير سيد حيدر شاهه چيو ته عالمي سطح تي تبديل ٿيندڙ خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ گڏيل قومن جي دهشتگرديءَ خلاف نظام ۾ سڌارا آندا وڃن.










