ايران تي ٻيهر حملن جو معاملو ايندڙ سال تائين ملتوي

ايران تي ٻيهر حملن جو معاملو ايندڙ سال تائين ملتوي

بينجنگ (ويب ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران تي ٻيهر حملن جو معاملو ايندڙ سال تائين ملتوي ڪري ڇڏيو. چين مان وطن واپسي دوران هڪ آمريڪي ويب سائيٽ کي انٽرويو ڏيندي صدر ٽرمپ چيو ته هو ايران بابت فيصلو ڪرڻ ۾ ڪا به تڪڙ نه ڪندو. هن چيو ته ايندڙ سال جي شروعات کانپوءِ ڏٺو ويندو ته صورتحال ڪهڙي رخ اختيار ڪري ٿي. ويب سائيٽ موجب صدر ٽرمپ ڪنهن به وقت پنهنجو ذهن تبديل ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته جيڪڏهن هو حملو ڪرڻ جو ارادو به رکي ٿو ته ان جو اظهار نه ڪندو.

پهنجو تبصرو موڪليو