ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ فردوس شميم نقوي چيو آهي ته مان پنهنجي پارٽي کي صلاح ڏيندس ته هو جماعت اسلامي جي حمايت ڪن.فردوس شميم نقوي جو چوڻ آهي ته ڪراچي پيپلز پارٽي کي دشمن پارٽي سمجهي ٿي، جماعت اسلامي ڪنهن به ضمني چونڊ ۾ حصو نه ورتو آهي.هن وڌيڪ چيو ته ملڪ ۾ جمهوريت پنهنجي آخري سانس وٺي رهي آهي، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان اسان جي سهڪار ۾ ناهي.پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فردوس شميم نقوي به چيو آهي ته چونڊ نتيجن کي قبول ناهي، ڪنهن سان اتحاد نه ڪنداسين.










