ڪراچي)اسٽاف رپورٽر) تعليم، ثقافت کاتي واري صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ۾ سرڪاري ڪاليجن جی عمارتن ۽ پلاٽن تي غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ جي حوالي سان اهم فيصلو، ان ڏس ۾ رٿيل اجلاس ۾ سيڪريٽري ڪاليجز احمد ناريجو، ڊائريڪٽر جنرل ڪاليجز محمد علي مانجهي ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تعليم واري وزير هدايت ڪئي ته سرڪاري ڪاليجز جي عمارتن ۽ پلاٽن تي هر قسم جو غيرقانوني قبضو ختم ڪرايو وڃي جڏھن ته ڪاليجن جي آسي پاسي حددخيلين جي خاتمي لاءِ پڻ قدم کنيا وڃن، ھن چيو ته سرڪاري ڪاليجن تي قبضي جي ڪنھن کي به اجازت نه ڏني ويندي. اجلاس ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو ته ايندڙ سال ڪاليجن جو بجيٽ شاگردن جي داخلا جي تناسب سان طي ڪيو ويندو، صوبائي وزير چيو ته جن ڪاليجز ۾ داخلائن جو تناسب بهتر هوندو انهن ڪاليجن جي بجيٽ ۾ اضافو ڪيو ويندو ۽ سھولتون ڏيڻ جي حوالي سان انھن ئي ڪاليجن کي ترجيح ڏني ويندي صوبائي وزير چيو ته سرڪاري ڪاليجن جي پرنسپال جي ڪارڪردگي بهتر نه هئڻ جي صورت ۾ ان کي ذميوارين کان هٽايو وڃي. صوبائي وزير تعليم ڪاليج کاتي پاران وڏي عرصي بعد راندين جي سرگرمين کي بحال ڪرڻ جي قدمن جي تعريف ڪئي. هن چيو ته ڪاليجن ۾ راندين جي منعقد ڪرڻ ۽ ٻين ھم نصابي سرگرمين کي مستقبل ۾ به جاري رکيو وڃي جڏھن ته بھتر ڪاڪردگي ڏيکاريندڙ شاگردن ڪي نشاندھي ڪئي وڃي، سيد سردار علي شاهه هدايت ڪئي ته آئينده ڪاليجن جي عمارتن کي موسمي اثرن کان محفوظ رکڻ جي حڪمت عملي جوڙي وڃي ان ڏس ۾ ڪاليجن جي عمارتن کي موسمي اثرن کان بچائڻ ۽ شاگردن لاءِ محفوظ عمارتون تعمير ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل ادارن پاران تجويزون پڻ گهرايون وڃن. اجلاس ۾ ان ڳالهه جو به اصولي فيصلو ڪيو ويو ته آئينده ڪاليجن ۾ سبجيڪٽ جي بنياد تي ليڪچررز جون مقرريون ڪيون وينديون. هن وڌيڪ چيو ته پراڻي وقتن ۾ منظور ٿيل غيرضروري پوسٽون ختم ڪري ضرورت جي بنياد تي نيون تجويزون پيش ڪيون وڃن. صوبائي وزير هدايت ڪئي ته سنڌ ايجوڪيشن اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي اسڪالرشپس جي حوالي سان يونيورسٽيز سان رابطو ڪيو وڃي ڇوته يونيورسٽيز طي ڪيل تعداد جي مطابق اسڪالرشپ ڏيڻ جو ٽارگيٽ پورو نه ڪري رھيون آھن. ھن چيو ته يونيورسٽيز پاران اسڪالرشپ جا انگ پورا نه ڪرڻ جي صورت ۾ اسڪالرشپ جي ڪوٽا ٻين يونيورسٽيز کي ڏني وڃي ڇو ته سنڌ حڪومت پاران قائم ڪيل سنڌ ايجوڪيشن اينڊومينٽ فنڊ ٽرسٽ جي اسڪالرشپ هوشيار ۽ مستحق شاگردن جو حق آهي. اجلاس ۾ صوبائي وزير وڌيڪ هدايت ڪئي ته اسڪالرشپ جي حوالي سان يونيورسٽيز کي موثر آگاهي مهم هلائڻ لاءِ به خط لکيا وڃن.










