ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) صوبائي وزير اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ شرجيل انعام ميمڻ، مڪاني کاتي واري صوبائي وزير مڪاني سيد ناصر حسين شاهه، محنت واري وزير سعيد غني سان گڏ ڪراچي ۾ پاڪستان جي پهرين اي وي پيپلز بس سروس جو افتتاح ڪري ڇڏيو. ان موقعي تي ميمبر سنڌ اسيمبلي گهنور خان اسراڻ، ٽرانسپورٽ وارو سيڪريٽري عبدالحليم شيخ، ايم ڊي سنڌ ماس ٽرانزٽ اٿارٽي زبير چنہ، پي ڊي اين آر ٽي سي صهيب شفيق ۽ ٻيا پڻ موجود هئا. ان موقعي تي صوبائي وزيرن اي وي پيپلز بس سروس جو معائنو۽ سهولتن جو جائزو ورتو ۽ بس ۾ سفر پڻ ڪيو. صوبائي وزير اطلاعات سنڌ شرجيل انعام ميمڻ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو ته پاڪستان جي پهرين اليڪٽرڪ بس سروس جي شروعات اڄ ڪراچي کان ڪئي وئي آهي، هي ماحول دوست بسون آهن، جيڪي بجلي جي چارج سان هلنديون ۽ ھڪ چارج ۾ 240 ڪلوميٽر جو مفاصلو طئي ڪرڻ جي صلاحيت رکن ٿيون ، يورپي معيار جي انهن بسن سان ڪنهن به قسم جي گدلاڻ نه پکڙبي. ھن چيو تہ شھر مان گدلاڻ جي خاتمي سان گڏو گڏ اسان جي ڪوشش آهي ته شهرين کي گهٽ کان گهٽ ڀاڙي ۾ سفر جون بھترين سهولتون فراهم ڪيون. هن چيو ته پھرين روٽ تي بس سروس ٽينڪ چوڪ جناح ايونيو کان ايئرپورٽ، شارع فيصل، ايف ٽي سي بلڊنگ ، ڪورنگي روڊ، خيابان اتحاد کان ڪلاڪ ٽاور سي ويو تائين هلائي پئي وڃي. ھن چيو تہ ڪراچي ۾ اهڙي ڪائي بس ناهي جيڪا مسافرن کي ايئرپورٽ تائين سفر جي سهولت فراهم ڪري. هن چيو ته شهري خانگي گاڏيون استعمال ڪندا آهن يا خانگي ٽيڪسي سروس جي ذريعي ايئرپورٽ تائين ويندا آهن، جيڪي کين 1500 روپيا تائين ڪرايو چارج ڪندا آهن. پر ھاڻي اي وي پيپلز بس سروس ۾ صرف 50 روپين ۾ ايئرپورٽ تائين سفر ڪري سگهن ٿا. هن چيو ته سنڌ حڪومت سول ايو ايشن اٿارٽي جي سهڪار جي نهايت مشڪور آهي، جنهن بس سروس کي ايئرپورٽ جي حدن ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏني. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت جي اولين ڪوشش آهي ته پوري سنڌ ۾ عوام کي پبلڪ ٽرانسپورٽ جي بهترين کان بهترين سهولتون فراهم ڪري. هن چيو ته چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سنڌ ڪابينا جي سمورن ميمبرن کي هدايتون ڏنيون آهن ته عوام کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون وڃن ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري به عوام جي مسئلن جي حل ۾ خاص دلچسپي وٺندا آهن. هن چيو ته وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه اسان جي پوري ٽيم جا ڪپتان آهن، انھن جي سهڪار جي کانسواءِ ڪوئي منصوبو شروع ڪرڻ ممڪن ناهي. وزيراعليٰ سنڌ جو ڪابينا ميمبرن کي ڀرپور سهڪار حاصل آهي هو سمورن ترقياتي منصوبن جي اونرشپ وٺندا آهن. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت ڪراچي تي خاص ڌيان ڏئي رهي آهي، ڪراچي جي ترقياتي منصوبن کي مڪمل ڪرڻ اولين ترجيح آهي، ڇوته ڪراچي پاڪستان جو معاشي مرڪز آهي. هن چيو ته ڪراچي ۾ مڪاني کاتو، ورڪس اينڊ سروسز ۽ ٻين کاتن جي تحت اربن روپين جي منصوبن تي ڪم جاري آهي. شهر جي 7 ضلعن ۾ سنڌ سالڊ ويسٽ مينيجمينٽ جو ڪم ڪاميابي سان جاري آهي. شهر جي انفراسٽرڪچر جي بهتري تي تيزي سان ڪم ٿي رهيو آهي. شھر۾ صحت جون بھترين سهولتون آھن ، هن چيو ته ان کان اڳ ڪنهن حڪومت ۽ جماعت ڪراچي کي هڪ به ميگا پراجيڪٽ ناهي ڏنو. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ حڪومت ۽ قيادت کي ڪراچي ۾ ترقياتي منصوبا مڪمل ڪرڻ جو ڪريڊيٽ وڃي ٿو. هن چيو ته شهري پاڪستان جي پهرين اليڪٽرڪ بس سروس جو خيال رکن، هي عوام جي ملڪيت آهي. سنڌ حڪومت ان طرح جا وڌيڪ پروجيڪٽس آڻي رهي آهي. شهر جي ٽريفڪ، ماحولياتي آلودگي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ ملي ڪري ڪم ڪرڻو آهي. هن چيو ته عوام سمجهي ٿي ته پاڪستان پيپلز پارٽي واحد جماعت آهي جيڪا ڳالهيون نہ پر ڪم ڪندي آهي. صوبائي وزير چيو ته ان کان اڳ وفاقي حڪومت ۾ ساڍن ٽن سالن تائين اقتدار ۾ رهڻ وارن سنڌ ۾ هڪ ٽڪي جو ڪم ناهي ڪيو ۽ نه ئي ڪراچي شھر کي ڪجهه ڏنو. هي ماڻهو صرف ٽيلي ويزن تي ويهي ڪري الزام لڳائيندا آهن.سياست جي نالي تي ڏڦيڙ پکيڙڻ ۽ عوام کي غلط پروپيگنڊا ۾ مصروف رکندا آهن. هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي وٽ ڪارڪردگي جي ڊگھي لسٽ آهي ۽ هر شعبي ۾ عوام کي سهولتون پهچائڻ تي ڪم ڪيو آهي. هن چيو ته اسان عوام جي خدمت کي پنهنجي اليڪشن سمجهندا آهيون ڇوته پاڪستان پيپلز پارٽي عوام جي ووٽ سان اقتدار ۾ آئي آهي. هن چيو ته ماضي ۾ هتي آر ٽي ايس کي ويھاري ماڻهن کي کٽرايو ويو. ان موقعي تي صحافين جي سوالن جا جواب ڏيندي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته اليڪشن ڪميشن سميت سمورن آئيني ادارن جو احترام ڪيون ٿا، جيڪي آئيني ادارن جا اختيارات آهن، ان تي سنڌ حڪومت عملدرآمد ڪرڻ جي پابند آهي، پر ڪجهه اختيارات عدالتن، ڪجهه اختيارات اليڪشن ڪميشن ۽ ڪجهه اختيارات حڪومتن وٽ هوندا آهن. سنڌ ڪابينا پنهنجو آئيني ۽ قانوني اختيار استعمال ڪندي 10 ون جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو آهي. هن چيو ته 10 ون جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ ۽ واپس وٺڻ جو اختيار سنڌ حڪومت جو آهي. هن چيو ته ڪجهه جماعتن کي ان تي اعتراض هئا. اسان چاهيون ٿا ته سمورين جماعتن کي اليڪشن ۾ حصو وٺڻ لاءِ ليول پلي اننگ فيلڊ فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته متحده قومي موومينٽ پاڪستان جي مطالبي تي 10 ون جو نوٽيفڪيشن واپس ورتو آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن قانون جي تحت سنڌ حڪومت جي نوٽيفڪيشن کي رد نٿي ڪري سگهي. نه ئي سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن جي اختيارن ۾ مداخلت ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جو تحريري فيصلو کين ناھي مليو ، ميڊيا جي ذريعي معلوم ٿيو آهي، جڏهن تحريري فيصلو ملي ويندو ته پنهنجي قانوني ٽيم سان مشاورت کانپوءِ عوام کي ٻڌائينداسين. هن چيو ته ڪراچي ۾ پولنگ اسٽيشنز تي فوج جي مقرري جو اختيار وفاقي حڪومت جي صوابديد آهي، سنڌ حڪومت وفاقي حڪومت کي لکيو هو، جنهن تي وفاقي حڪومت هي چئي ڪري معذرت ڪري ورتي هئي ته پاڪستان فوج جا جوان دهشتگردن خلاف آپريشن ۾ مصروف آهي. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جيڪڏهن سمجهي ٿي ، ته حساس پولنگ اسٽيشنز تي فوج جي ضرورت آهي ته وفاقي حڪومت سان رابطو ڪري يا سنڌ حڪومت کي متبادل فراهم ڪري. هن چيو ته ڪالهه ڪابينا اجلاس ۾ امن امان تي به ڳالهه ٻولهه ٿي، آئي جي سنڌ بريفنگ ڏيندي ۾ ڪابينا کي ٻڌايو ته سنڌ ۾ دهشتگردي جي ٿريٽ الرٽ آهي. ڪي پي ڪي ۽ بلوچستان ۾ ٿريٽ الرٽ کانپوءِ دهشتگردي جا واقعا ٿيا آهن. سنڌ ۾ به آئي جي سنڌ دهشتگردي جي واقعن جا خدشا ظاهر ڪيا آهن. هن چيو ته آئي جي سنڌ چيو ته مڪاني چونڊن ۾ 62 هزار پوليس اهلڪارن جي ضرورت آهي. جيڪڏهن مسجدن، امام بارگاهن ۽ ٻين جڳهن تان پوليس جوان هٽائي پولنگ اسٽيشنز تي مقرر ڪيون ته خدانخواسته ڪو اڻوڻندڙ واقعو پيش اچي ته ان جو ذميوار ڪير هوندو. شرجيل انعام ميمڻ چيو ته دادو ضلعي جي ٻن تعلقن ميهڙ ۽ خيرپور ناٿن شاھ ۾ برسات ۽ ٻوڏ جو پاڻي جي ڪري اليڪشن ڪميشن کي اڳئي خط لکيو هو جنهن جو جواب اڃان تائين ناهي مليو. هي خط ڪالهه سنڌ ڪابينا جي اجلاس کان اڳ لکيو ويو هو. هن چيو ته انهن ٻن تعلقن ۾ پاڻي اڃا تائين موجود آهي، ماڻهو پنهنجو ووٽ جو حق ڪيئن استعمال ڪري سگهندا. هن چيو ته اسان اليڪشن ڪميشن کي گذارش ڪئي آهي ته دادو جي ٻن تعلقن کي ڇڏي ڪري باقي تعلقو جوهي، تعلقو دادو، سميت مٽياري، ٽنڊووالهيار، ٽندو محمد خان، ڄامشورو، بدين، سجاول ۽ ٺٽي ضلعن ۾ مڪاني چونڊيون ڪرايون وڃن. ايم ڪيو ايم پاڪستان پاران ڌمڪيون ۽ شارع فيصل بند ڪرڻ جي سوال تي شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هڪ ئي ٻولي سمجهندي آهي ۽ اها پيار ۽ محبت جي ٻولي آهي، ٻي ڪا ٻولي سندن ڪنن ۾ ناهي ايندي ۽ نه ئي ان تي اسين ڌيان ڏيندا آهيون.










