ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ميري ٽائم سڪيورٽي ايجنسي سمنڊ ۾ آپريشن دوران ٻيڙي مان 20 ڪروڙ رپين جي منشيات قبضي ۾ وٺي ڇڏي ڪسٽم انفورسمنٽ سان گڏ پريس ڪانفرنس ڊپٽي ڊي جي پي ايم ايس اي ڪموڊور عامر اقبال ٻڌايو ته ميري ٽائيم سيڪيورٽي ايجنسي سمنڊ ۾ ڪارروائي ڪندي 20 ڪروڙ رپين جي منسيات اسمگلنگ جي ڪوشش کي ناڪام بڻائي ڇڏيو ڪموڊور عامر اقبال چيو ته آپريشن دوران ٻن اسملگلر ۽ هڪ ڪشتي کي تحويل ۾ ورتو ويو جڏهن ته ٻي ڪشتي ۾ موجود اسملگرز ڪشتي سميت فرار ٿي ويا ڪموڊور وڌيڪ ٻڌايو ته اسمگلر ثبوت وڃائڻ لاءِ ڪشتي ۾ موجود منشيات کي سمنڊ ۾ اڇلائي ڇڏيو جڏهن ته ميري ٽائيم سيڪيورٽِ سمنڊ ۾ اڇلايل 700 ڪلوگرام ڏوڏي هٿ ڪري ورتي جنهن جي رقم 10 ڪروڙ رپين جي لڳ ڀڳ آهي ضبط ٿيل منشيات ۽ جوابدارن کي ڪراچي منتقل ڪرڻ کان پوءِ وڌيڪ ڪارروائي لاءِ ڪسٽم آفيسرن جي حوالي ڪيو ويو آهي.










