ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ ضياءالدين اسپتال ويجهو مدرسي ويندي نوجوان ڀاءُ ڀيڻ ٽريفڪ حادثي ۾ فوت ٿي ويا. ايس ايڇ او بوٽ بيسن انسپيڪٽر نصير تنولي مطابق شيرين جناح ڪالوني جو رهواسي عبدالعزيز پنهنجي پٽ ۽ پاڙيسري عادل جي ڌيءَ ۽ پٽ کي موٽر سائيڪل تي کڻي دهلي ڪالوني ۾ مدرسي وڃي رهيو هو ته تيز رفتار گاڏي ٽڪر هنيو پوليس موجب حادثي ۾ 11 ورهين جو حذيفه عادل ۽ ان جي وڏي ڀيڻ 18 ورهين جي بشريٰ عادل فوت ٿي ويا جڏهن ته عبدالعزيز ۽ سندس ٻار محفوظ رهيا پوليس مطابق شروعاتي طور تي ٻڌايو ويو ته حادثو ڪنهن ڊمپر جي ڪري پيش آيو پر بعد ۾ عبدالعزيز جي بيان سان صورتحال واضح ٿي ته کين هڪ مني بس ٽڪر هنيو بوٽ بيسن پوليس مطابق جنهن هنڌ تي حادثو پيش آيو اتي سي سي ٽي وي ڪئميرائن جي ڪوريج نه آهي ٻين ذريعن سان صورتحال کي وڌيڪ واضح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.










