ڪراچي ۾ ٿڌ جي نئين لهر، پارو 5 ڊگري ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي ۾ ٿڌ جي نئين لهر، پارو 5 ڊگري ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته ڪراچي ۾ 17 جنوري تائين گرمي پد 5 کان 7 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.هڪ بيان ۾ چيف ميٽولوجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته ڪراچي ۾ اڄ به مٽيءَ جي ٿڌي هوائن جو سلسلو جاري رهندو، ٿڌ جي لهر 17 جنوري تائين سنڌ کي لپيٽ ۾ رکندي.هن چيو ته ڪراچي ۾ ڏينهن جو گرمي پد 22 کان 24 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي، مٿانهين سنڌ ۾ گرمي پد 2 کان 4 ڊگري سينٽي گريڊ تائين وڃي سگهي ٿو.سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته 17 جنوري کانپوءِ ٿڌ جي شدت ۾ گهٽتائي ٿي آهي.چيف ميٽولوجسٽ وڌيڪ چيو ته 18 کان 19 جنوري دوران مغربي هوائن جو سسٽم بلوچستان ۾ داخل ٿيندو.هنن جو اهو به چوڻ آهي ته 21 جنوري کانپوءِ ملڪ ۾ سرديءَ جي ٻي لهر اچي سگهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو