گلشن معمار ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ عملدار جا ھوٽلن ۽ بئڪرين تي ڇاپا ڏنڊ

گلشن معمار ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ عملدار جا ھوٽلن ۽ بئڪرين تي ڇاپا ڏنڊ

ڪراچي ( رپورٽر ) ڪراچي گلشن معمار ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ عملدار جا ھوٽلن ۽ بئڪرين تي ڇاپا ڏنڊ خبرموجب ڪراچي گلشن معمار ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ بشير خان جي اڳواڻي ۾ عملدارن طرفان ھوٽلن ۽ بئڪرين کير جي دڪانن تي ڇاپا ھنيا ويا جنھن ۾ فوڊ عملدارن طرفان کاڌي پيتي جي شين جي ٽيسٽنگ موبائل ليب ذريعي انھن جو معيار چيڪ ڪيو ويو جڏھن تـ ھوٽلن تي غير معياري کاڌو ھجڻ توڙي ھوٽلن اندر صفائي نـ تي انھن مٿان ڏنڊ لڳايو ويو جڏھن تـ بئڪرين مٿان پڻ غير معياري شيون وڪرو ڪرڻ تي پڻ ڏنڊ لڳايو ويو ان سلسلي ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر فوڊ بشير خان صحافين سان ڳالھائيندي چيو تـ ھوٽلن توڙي بئڪرين تي صفائي نـ ھجڻ غير معياري کاڌو ۽ ھجڻ تي انھن مٿان ڏنڊ لڳايا ويا آھن ھن چيو تـ اھو انساني زندگي صحت جو معاملو آھي ان تي ڪا بـ سوديبازي نـ ڪئي ويندي اھو پڻ معلوم ٿيو آھي تـ ڪيترن ئي ريسٽورنٽ ۽ بئڪري مالڪن کان فوڊ کاتي جي عملدارن طرفان طرفان غير معاري کاڌو ۽ بئڪرين اندر غير معياري شيون ھجڻ باوجود عملدارن طرفان رشوت وٺڻ عيوض انھن جي خلاف ڪا بـ ڪاروائي نـ ڪئي

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو